بخشل تھلہو
ترجمہ: دریا خان چانڈیو
اکثر دوست سوال کرتے ہیں کہ اس ملک میں کمیونسٹ کیوں ناکام ہوئے؟ میرا جواب ہوتا ہے ناکام یا کمزورصرف کمیونسٹ ہی نہیں مگر اس ریاست کے اندر کچھ داخلی و خارجی حالات سبب عوامی تحریک کے تمام مورچے (قومی، جمہوری اور طبقاتی) کمزور ہوئے ہیں وہ جو کسی نہ کسی صورت اس اسٹیٹسکو کو توڑنے میں مصروفِ عمل تھے۔ قوم پرستوں کی اکثریت نے اپنی ماضی کی تمام سیاست، جدوجہد اور قربانیوں کو بھتہ خوری اور دیگر جرائم کے بھینٹ چڑھا دیا۔ جمہوریت پسندوں نے غیرجمہوری قوتوں کے ساتھ سمجھوتا کرکے اقتدار لینے کو ہی آخری اور بہترین حل سمجھا اور کمیونسٹوں کی اکثریت نے اپنے آدرش و نظریات کو تھامس مور کا کوئی یوٹوپیا سمجھ کر انہیں ترک کیا اور یا تو صحافت میں پناہ لی یا پھر این جی اوز بنا کر انہیں عالمی سامراجی اداروں کی دلالی کرنے لگے، جن کے خلاف وہ تمام عمر لڑتے رہے۔ مگر قومی، جمہوری اور طبقاتی سیاست میں بھی چند ایسے انکار کے فرمان تھے جنہوں نے اس صدیوں کے اقرارِ اطاعت کو ہر صورت بدلنے کی ٹھان رکھی تھی، بہت کم اور کمزور ہی سہی مگر جہدِ مسلسل میں رہے۔ جس کی بدولت مجھ سمیت ایک انقلابی کارکنان کی نسل پروان چڑھی۔ مگر یہ اقلیت بھی شاید ہمیں انقلابی نظریات کا علم نہ سونپ سکتی اگر اس میں ماضی کے تمام انقلابیوں کا خون اور پسینہ شامل نہ ہوتا۔
انقلابی شہداء کی بہت بڑی فہرست ہے جس میں شہید حسن ناصر، شہید نذیر عباسی سے لے کر مظفر بھٹو تک بہت نام ہیں جو ریاستی جبر اور قہر کا شکار ہوئے۔ ان میں سے ایک شہید نذیر عباسی ہیں جن کی آج 42 واں یومِ شہادت ہے جنہیں 9 اگست 1980 میں ریاستی اداروں کی تحویل میں انسان سوز ٹارچر کر کے کراچی میں بےدردی سے شہید کیا گیا تھا۔ شہید نذیر عباسی ایک ہی وقت میں شاگرد فرنٹ پر کام کرنے والے تھے اور کمیونسٹ پارٹی کے مرکزی اہم ادارے رکن بھی تھے۔
ہماری نسل نے تو شہید نذیر عباسی کو نہیں دیکھا مگر سینئر ساتھیوں سے ان کے بارے میں بہت کچھ سنا اور پڑھا ہے جس کے باعث شہید نذیر عباسی کے لئے اتنا احترام اور پیار پیدا ہوتا ہے جو سندھ کے کسی اور انقلابی کے حصے میں نہیں آتا۔ ممکنہ طور پر نذیر عباسی کی ضیائی آمریت کے ہاتھوں شہادت کے باعث بہت سے ساتھی ان کی سیاسی کمزوریوں کو کھاتے میں نہ لا کر ہمیں ان کی انقلابی جدوجہد کے روشن پہلو ہی دکھاتے ہوں، مگر یہ غالب امکان اس وقت اپنی اہمیت کھو دیتا ہے جب شہید نذیر عباسی کو خراج تحسین پیش کرنے والے تمام سیاسی و نظریاتی مکتبہ فکر سے تعلق رکھنے والے جن کے پاس نذیر عباسی کے لیئے بےحد پیار اور احترام ہے صرف کمیونسٹ نہیں۔ میں نے کسی جگہ لکھا تھا کہ کمیونسٹ استحصال کی صرف ایک صورت کے خلاف نہیں لڑتا مگر وہ تمام صورتوں چاہے، طبقاتی، قومی، صنفی، ماحولیاتی ہو ہر جبر کے خلاف لڑتا ہے اور یہی وجہ ہے کہ قوم پرستوں سے لے کر جمہوریت پسندوں تک تمام لوگ شہید نذیر عباسی کو اپنا مانتے ہیں۔ شہید نذیر عباسی پاکستان کے روبسپیئری بھٹو کے دور میں بھی پابندِ سلاسل تھا۔ نذیر عباسی ایک نظریے کا شہید ہے ایسا نظریہ جو نئے سماج اور نئے انسان کی بات کرتا ہے۔ وہ تو شہید نذیر کے عظیم استاد مارکس نے ہی کہا تھا کہ ایک بدلا ہوا انسان ہی سماج میں تبدیلی لاسکتا ہے اور شہید نذیر عباسی ایسے بدلے ہوئے شخص تھے، جن کی انقلابی کمٹمنٹ کے معترف ان کے سیاسی مخالفین بھی تھے۔ شہید نذیر عظیم لینن کے وہ پروفیشنل انقلابی تھے جنہوں نے اپنی زندگی مارکسزم اور محنت کش طبقات کے لیئے وقف کردی تھی وہ ان “عقیدت مند” کامریڈوں کی طرح نہ تھے جن کے لئے سوشلزم ہر صورت لازمی امر تھا بھلے آپ جدوجہد کریں یا نہ کریں مگر شہید نذیر عباسی تو وہ انقلابی تھے جن کے لئے سیاسی جدوجہد پارٹ ٹائم جاب نہیں بلکہ مقصدِ حیات تھا وہ لیوئی شاؤ چی کی تصنیف “ایک اچھا کمیونسٹ کیسے بنا جائے”کا مکمل عملی روپ تھا وہ سندھ میں اس چے گویرا کا جنم تھا جس کا کہنا تھا کہ “میرے نظریات مجھے میری کھال سے بھی زیادہ عزیز ہیں” وہ اپنی روزمرہ کی زندگی میں بےحد سادہ اور اپنی سیاسی بات کہنے میں بےباک تھے وہ آج کے کمیونسٹوں یا انقلابیوں کی طرح نہ تھا جو کام آٹھ آنا کریں اور بتائیں ایک روپیہ۔ وہ سندھ اور اس ریاست میں کمیونسٹ تحریک کے مستقبل کی نوید تھا۔ آج بھی ایسے بہت سے سیاسی کارکنان ہیں جن کو دیکھ کر لگتا ہے کہ ان میں شہید نذیر عباسی کی روح ہے مگر انہیں شہید نذیر عباسی جیسے انقلابی حالات میسر نہیں ہیں شہید نذیر کا دور سرمایہ داری، جاگیرداری، قومی جبر و آمریت، اور عالمی سامراج کے خلاف تحریکوں کا دور تھا۔ مگر آج کا دور عوامی تحریکوں کی پسپائی کا دور ہے جس کے سبب رائیٹ ونگ کے ابھرتا دکھائی دیتا ہے اور اس کے نتائج یہ ہیں ٹریڈ یونینز پر سخت وار، طلبہ یونین پر مکمل پابندی، مہنگائی، بیروزگاری، بھوک افلاس، نجکاری، قومی جبر، وسائل پر قبضہ اور مذہبی انتہا پسندی اور نسل پرستی جیسے معاملات ہمارے سامنے ہیں۔ ماضی میں بائیں بازو کی پارٹی سمجھی جانے والی پیپلزپارٹی اور کچھ قوم پرست جماعتیں آج ایم کیو ایم سے لے کر امریکا تک کی ثنا خوانی کرتے نہیں تھک رہیں اور باقی جو بچے انہوں نے نواز شریف کو انقلابی سمجھ کر اپنا لیڈر بنایا۔ دیگر الفاظ میں جن کی سیاست عوام کے اعتبار سے چل رہی تھی وہی عوام پر اعتماد کھو کر عوام دشمن عناصر کے ساتھ جاملے۔ مگر اس کے ساتھ ساتھ آج کی کمیونسٹ/انقلابی سیاست کے مثبت پہلو بھی ہیں عالمی سرمایادارانہ نظام انتہائی شدید بحرانی دور سے گذر رہا ہے جس کی بدولت اس نے اک عالم گیر تحریک کو جنم دیا ہے۔ اس ریاست میں ہی بائیں بازو نے پھر اپنی جڑیں پکڑنا شروع کی ہیں ہاری/کسان اور مزدور تحریکیں پھر سے جڑنا شروع ہوگئی ہیں طلبہ سیاست اور طلبہ یونین کی مانگ نے زور پکڑ لیا ہے اس کے علاوہ دیگر سیاسی و سماجی مسائل پر لوگوں نے کمیونسٹ لٹریچر کو پڑھنا شروع کیا ہے اور ان سب سے بڑھ کر ایک انقلابی تنظیم تعمیر کرنے کا چلینج ہے جس کو عملی جامہ پہنانے کے لیئے ماضی کی تمام تر غلطیوں اور ناکامیوں سے سیکھنے کی اشد ضرورت ہے آج کے دور کا نیا انقلابی پرانی نسل کی تمام تر اچھے پہلوئوں اور حاصلات کو اپنا بنانے اور ان کو اپنی انقلابی جدوجہد کے واسطے مشعل راہ بنانے کے لیئے تیار ہے اور ببانگِ دہل کہہ رہا ہے کہ شہید نذیر عباسی کا راستہ ہمارا راستہ! آخر میں میں کامریڈ مشتاق علی شان کی اس نظم کے ذریعے اپنے شہید اور سرخ سپاہی کو خراج پیش کرنا چاہوں گا۔
مانا کہ راه اندهيری ہے
مانا کہ رات بهی کالی ہے
ليکن جو چهپائی چهپ نہ سکی
وه خونِ شفق کی لالی ہے
يه باب ستم، کی واہی سہی
بےچين شرارے بجھ نہ سکے
ظلمات کا پہرہ سخت سہی
وه سرخ ستارے بجھ نہ سکے
ان زهرہ سی روشن چہروں کی
مسکان نہ کوئی چهين سکا
وه دار و رسن پہ جهوم گئے
ايمان نہ کوئی چهين سکا
خاموش صدا مقتل ميں ہوئی
زنجير کے نغمے باقی ہیں
تاريخ تو ان کی قتل ہوئی
تعزير کے نغمے باقی ہیں
جيون کی سلگتی راہوں کے
کچلے ہوئے راہی زنده ہيں
جو ظلم و ستم سے ٹکرائیں
وه سرخ سپاہی زنده ہیں
………………………………………………………………………………………………………………………………………….
شهيد ڪامريڊ نذير عباسي؛هڪ سرخ سپاهي کي ڀيٽا
بخشل ٿلهو
دوست اڪثرسوال ڪندا آهن ته هن ملڪ ۾ ڪميونسٽ ناڪام ڇو ٿيا؟ آءُ کين چوندو آهيان ته ناڪام يا ڪمزور صرف ڪميونسٽ ناهن ٿيا پر هن رياست اندر ۽ ڪجھ خاص داخلي ۽ خارجي حالتن سبب عوامي تحريڪ جا سمورا اهي محاذ (قومي، جمهوري ۽ طبقاتي) ڪمزور ٿيا آهن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ريت نظام يا اسٽيٽسڪو کي تبديل يا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. قومپرستن جي اڪثريت، ڪرائيم ۽ پلاٽن جي سياست مان پنهنجي ماضي جي ڏنل قربانين جي قيمت وٺڻ شروع ڪئي، جمهوريت پسندن جي اڪثريت غير جمهوري قوتن سان مفاهمت ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ کي ئي عوام جي خدمت جو هن ملڪ ۾ آخري ۽ واحد حل ڪري ڏٺو. ڪميونسٽن جي اڪثريت پنهجي فڪر کي ٿامس مور جي يوٽوپيا سمجهي ترڪ ڪري وڃي يا ته صحافت ڪرڻ لڳي يا اين جي اوز جهڙا ادارا جوڙي انهن ئي عالمي معاشي قوتن جي دلالي ڪرڻ لڳي، جن جي استحصال خلاف جهد تي سندن سياست بيٺل هئي. پر قومي،جمهوري ۽ طبقاتي سياست جي اقليت سون ڏسي سيڻ ڪونه مٽائي ۽ ڪمزور صورتن ۾ ئي صحيح پر جدوجهد جاري رکي. جنهنجي نتيجي ۾ مون سميت هڪ نئين نسل جو تيار ٿيڻ ممڪن ٿي سگهيو. شايد اها اقليت انهيءَ مزاحمتي ورثي کي اسان تائين پڄائڻ ۾ اڃا ڪمزور ثابت ٿئي ها جيڪڏهن انهيءَ مزاحمت ۾ سوين ڪارڪنن جون قربانيون ۽ رت ست شامل نه هجي ها . انهن شهيد ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ڪامريڊ حسن ناصر۽ نذير عباسي کانوٺي مظفر ڀٽو تائين هڪ تمام وڏي لسٽ آهي جيڪي پاڪستان جي فاشي رياست جي قهر ۽ جبر جو شڪار ٿيا. اڄ ڪامريڊ نذير عباسي جي شهادت جو ڏينهن آهي، کيس 32 سال اڳ 9 آگسٽ 1980 تي ٽارچر ڏئي شهيد ڪيو ويو هو. هو هڪ ئي وقت شاگرد فرنٽ تي ڪم ڪندڙ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي اداري جو اهم ميمبر هو۔
اسانجي نسل نذير عباسي ڪونه ڏٺو پر سينئر ساٿين کان هن بابت جيڪو ڪجھ ٻڌجي ٿو ۽ پڙهجي ٿو ته هن لاءِ اندر ۾ ايترو احترام پيدا ٿئي ٿو جنهن جي ڊيگھ ويڪر سنڌ جي ڪنهن ٻي شخصيت جي خاطي۾ نه آئي. ٿي سگهي ٿو نذير عباسي جو ضيائي آمريت ۾ ٽارچر دوران شهيد ٿيڻ سبب سندس هم عصر نذير جو هڪ اهڙو خاڪوچٽيندا هجن جنهن ۾ سندس شخصيت ۽ سياست جون ڪجھ اهم کوٽون بنھ گهٽ ٿي ويون هجن پراهوامڪان تڏهن غورطلب نه ٿو رهي جڏهن نذير جو نئين نسل سان تعارف ڪرائيندڙ انتهائي مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڏسجن ٿا، جن وٽ نذير لاءِ عقيدت ۽ احترام جا لفظ آهن. مون ڪنهن ٻي هنڌ لکيوهو ته هڪ ڪميونسٽ استحصال جي ڪنهن هڪ ٻن پر سمورين صورتن خلاف جهيڙي ٿو، تنهن ڪري نذير عباسي جي شهادت کي قومپرستن کانوٺي ڪري جمهوريت پسندن تائين سڀ پنهنجو ڪن ٿا . شهيد نذير عباسي پاڪستان جي روبيسپيئري ذوالفقار ڀٽي جي دور ۾ به قيد ۾ هو. نذير عباسي هڪ نظريعي جو شهيد آهي، هڪ اهڙو نظريو جيڪو هڪ نئين سماج، نئين ماڻهو جي ڳالھ ڪري ٿو. هوئين نذير جي استاد ڪارل مارڪس ڀلي ڀت چيو هو ته ”هڪ تبديل ٿيل ماڻهو ئي دنيا تبديل ڪري سگهڻ جي اهل هوندو آهي“. شهيد نذير عباسي اهڙو تبديل ٿيل ماڻهو هو جنهن سان سياسي اختلاف رکندڙ به هن جي انقلابي ڪمٽمنٽ کان متاثر ٿيڻ تي مجبور ٿيندا هئا. هولينن جو اهوپروفيشنل انقلابي هو ، جنهن جي زندگي مارڪسزم ۽ پورهيت تحريڪ کي ارپيل هئي. هو انهن ڪامريڊن جهڙو نه هو جن لاءِ سوشلزم هڪ اهڙي تاريخي لازميت آهي جنهن لاءِ توهان ڪجھ ڪيو نه ڪيو پر اهو اڻٽر آهي. نذير عباسي ته انهن ڪامريڊن منجهان هو جن لاءِ سياسي ڪم پارٽ ٽائيم سرگرمي نه پر زندگيءَجو مقصد هو. هو ليو شاوءَ چي جي لکڻي ” هائو ٽو بي گڊ ڪميونسٽ“ جي عملي تصوير هو. هو سنڌ ۾ ان چي گويرا جو جنم هو جنهن چيو هو ته ” مونکي منهجا آدرش پنهجي چم کان وڌيڪ عزيز آهن“. هو پنهنجي اٿڻ،ويهڻ، کائڻ، پيئڻ ۾ بلڪل سادو ۽ پنهنجي ڳالھ رکڻ ۾ بي باڪ هو. هن ۾ ڪجھ اڄوڪي ڪميونسٽن جيان پنهجي اٺ آنا ڪم کي سورنهن آنا ڪري ظاهر ڪرڻ واري بيماري نه هئي. هو سنڌ ۽ هن رياست اندر ڪميونسٽ تحريڪ جو اتساه ۽ مستقبل آهي. اڄ به ڪجھ اهڙا ڪارڪن آهن جن کي ڏسي مان سمجهندو آهيان ته هو نذير عباسي جو تسلسل آهن پر کين نذير عباسي جون حالتون ميسر ناهن. نذير جو دور جاگيردارن، سرمائيدارن، قومي جبر، فوجي آمريت ۽ عالمي سامراج خلاف عوامي تحريڪن جو دور هو. اڄوڪو دور عوامي تحريڪن جي ڪمزوري سبب ساڄي ڌر جي سگهاري ٿيڻ جو دور آهي. ٽريڊ يونين تي سخت وار ، مهانگائي، بيروزگاري، نجڪاري،قومي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ تيزي، وڌيل مذهبي انتهاپسندي ۽ سياست کي روز بروز حاصل ٿيندڙ نسل پرستاڻا بنياد انهيءَ جا لازمي نتيجا يا اهڃاڻ آهن۔
ماضي جي کاٻي ڌر سمجهي ويندڙ پي پي ۽ ڪجھ قومپرست تنظيمون اڄ ايم ڪيو ايم کانوٺي ڪري آمريڪا تائين جي ثناخوانيءَ ۾ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ ۾ مصروف آهن، باقي جيڪي بچا تن کي نوازشريف پنهنجي امان ۾ ورتو. ٻين لفظن ۾ عوام جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڌريون عوام ۾ اعتبار وڃائي ويٺيون آهن. پر ساڳي وقت کاٻي ڌر جي اڄوڪي سياست جا ڪي اميد افزا پاسا به آهن۔
عالمي طور تي سرمائيداري نظام جنهن بحران ما ن گذري رهيو آهي ان هڪ عالمگير تحريڪ کي جنم ڏنو آهي. هن رياست اندر ئي ٻن ڏهاڪن جي مفعوليت کانپوءِ کاٻي ڌر وري پير سنڀالڻ شروع ڪيا آهن. هاري ۽ مزدور تحريڪون وري جڙڻ جي ابتدائي مرحلن ۾ آهن. سماجي مسئلن ماڻهن کي وري ڪميونسٽ مواد پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اڄوڪي ڪميونسٽ تحريڪ لاءِ کوڙ سارا چيلنجز آهن. سڀ کان وڏو چيلنج هڪ انقلابي پارٽي جي تعمير آهي جنهن لاءِ ماضي جي غلطين، حاصلاتن ۽ ناڪامين مان سکڻ جي اشد ضرورت آهي ۽ هي نئون نسل پراڻ جي سمورن هاڪاري پاسن کي گڏ کڻي اڳتي وڌڻ لاءِ بلڪل تيار آهي ۽ وڏي واڪي چئي رهيو آهي ته شهيد نذير عباسي جو رستو، اسانجو رستو. مان ڪامريڊ مشتاق علي شان جي لفظن ۾ ئي پنهنجي شهيد ۽ سرخ سپاهي کي ڀيٽا ڏيڻ چاهيندس ته
مانا که راه اندهيري هي
مانا که رات بهي کالي هي
ليڪن جو چهپائي چهپنه سکا
وه خون شفق کي لالي هي
يه باب ستم کا واهي سهي
بيچين شراري بجه نه سکي
ظلمات کا پهرا سخت سهي
وه سرخ ستاري بجه نه سکي
ان زهرسي روشن چهرون کي
مسڪان نه کوئي چهين سکا
وه دارورسن په جهوم گئي
ايمان نه کوئي چهين سکا
خاموش صدا مقتل مين هوئي
زنجير کي نغمي باقي هين
تاريخ تو ان کي قتل هوئي
تعزير کي نغمي باقي هين
جيون کي سلگتي راهون کي
کچلي هوئي راهي زنده هين
جو ظلم و ستم سي ٽکرائي
وه سرخ سپاهي زنده هين.